ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت

ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت

ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت

ٻنيءَ جا سنڌي لوڪ گيت (ڪتاب ):هي سنڌي ٻوليءَ جي مشهور اسڪالر ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي يونيورسٽي آف ممبئيءَ پاران پي. ايڇ ڊي. (سنڌيءَ) ڊگري لاءِ منظور ڪيل ٿيسز آهي، جيڪا هن ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتيءَ جي رهبريءَ ۾ لکي ۽ اسٽيج پبليڪيشن احمد آباد پاران 2002ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. هن ڊبل ڪرائون سائيز جي ڪتاب ۾ عربي سنڌي لپي توڙي ديوناگري سنڌي لپيءَ جا ٻئي روپ موجود آهن. عربي سنڌي لپيءَ واري ڀاڱي جا 360 صفحا ۽ ديو ناگريءَ لپيءَ جا 282 صفحا آهن. هن تفصيلي ٿيسز جي قيمت 330 رپيا آهي. هيءَ ٿيسز ستن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب ۾ پسمنظر بيان ڪيو ويو آهي، ٻئي باب ۾ ڪڇ، هڪ واقفيت، عنوان سان ڪڇ جون جاگرافيائي، سماجي ۽ تهذيبي حالتون، ڪڇي ماڻهو، ڪڇي زندگي، ڪڇ جو ڌرمي پسمنظر، سنڌو تهذيب، گجرات ۽ ڪڇ جي ڀيٽ، سنڌونديءَ جو وهڪرو ۽ ڪڇ، ٻني علائقو ۽ سنڌ، ڪڇ ۽ سنڌ جي اديبن جا سفر ۽ ٻنيءَ ۾ شاهه لطيف جي آمد جا عنوان شامل آهن. باب ٽئين ۾ سنڌي لوڪ ادب جي ارتقا ڏني وئي آهي، باب چوٿين ۾ لوڪ ثقافت ۽ ان جي صورت تي بحث ڪيو ويو آهي. باب پنجين ۾ لوڪ گيتن جي اهميت، خاصيتن، ورهاست، ڳائڻ جي نمونن ۽ لوڪ گيتن جي قسمن تي بحث ڪيو ويو آهي. باب ڇهين ۾ ٻنيءَ جي سنڌي رهاڪن، سنڌي لوڪ گيتن جي ٻوليءَ ۽ لوڪ سنگيت تي بحث ڪيو ويو آهي. باب ستين ۾ ٻنيءَ جي 30 کان وڌيڪ لوڪ گيتن جي قسمن تي تفصيلي روشني وڌي وئي آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو